APP13-25 ISLAMABAD: March 25 - President Dr. Arif Alvi addressing the participants of Pakistan Day Parade. APP

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي جڏهن ته سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي، پاڪستان جي فوج دنيا جي مضبوط ترين، تجربيڪار ۽ منظم فوج آهي، ملڪ جو هر جوان ۽ سپاهي ملڪي دفاع جي جذبي سان سرشار آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، دفاع، پيشيواراڻي مهارت ۽ قومي يڪجهتي جي عڪاس پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ حب الوطني جي جذبي کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي منتظمين ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.