APP26-08 ISLAMABAD: March 08 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing PTV employees on the occasion of International Women’s Day at PTV Headquarters. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته عورتن کي هڪجهڙا موقعا ۽ حق فراهم ڪيا وڃن، حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي هر سطح تي محفوظ ۽ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جون عورتون اولهه جي عورتن کان تمام پهرين بااختيار ٿيون، بيگم رعنا لياقت علي، محترمه فاطمه جناح اي پي ايس ۾ شهيد ٿيندڙن جون مائرون اسان جون هيروز آهن، هو عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.