APP83-07 ISLAMABAD: March 07 - Prime Minister Imran Khan addressing at the 11th All Pakistan Chambers Presidents' Conference. APP

اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪاروباري برادري کي ڪاروبار ۾ آساني ۽ درپيش رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ڀرپور خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، ڪاروباري برادري ميري ٽيم بڻجي غربت جي خاتمي ۽ معيشت جي استحڪام ۾ معاون ڪردار ادا ڪري. قوم تي ڀرپور اعتماد آهي، جيستائين قوم گڏ بيٺل رهندي آهي ان کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي، هو راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي اهتمام هيٺ 11 هين آل پاڪستان چيمبرز صدرز ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.