APP66-06 ISLAMABAD: March 06 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with delegation of HSS and Xuzhou Construction Machinery Group of China at PM's Office. APP

اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿي، 50 لک گهرن جي تعمير جو فليگ شپ پروگرام آهي جنهن سان ملڪ جي نوجوانن ۽ لاڳاپيل صنعتن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا، هن اها ڳالهه چين جي مشهور ڪمپني ايڪس سي ايم جي جي گلوبل سيلز پريزيڊنٽ/ جنرل مينيجر ڊاڪٽر هينس ليو ۽ ايڇ ايس ايس گروپ جي چيئرمين سيد سمن هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.