APP02-29 ISLAMABAD: January 29 - President Dr. Arif Alvi addressing the students of Sindh Madressatul Islam University. APP

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم نوجوانن جي لاءِ ليڊرشپ جو بهترين مثال آهي، اهل قيادت ملڪ جي وسيلن جو صحيح استعمال ڪري ملڪ کي وڌيڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهي ٿي. هن اها ڳالهه سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي ڪراچي جي نيشنل ليڊرشپ پروگرام جي حاضرين کي خطاب ڪندي چئي.