APP30-03 ISLAMABAD: January 03 – President Dr. Arif Alvi being briefed on National Language Promotion Department at the Aiwan-e-Sadr. Federal Minister for Federal Education & Professional Training/National History & Literary Heritage Mr. Shafqat Mahmood is also present. APP

اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪنهن به قوم جي لاءِ قومي زبان اتحاد جي ضامن هوندي آهي، باوقار قومون سدائين پنهنجي قومي زبان جو دفاع ڪندي نظر اينديون آهن، اردو اسان جو قومي، تاريخي ۽ ادبي سرمايو آهي ۽ ان کي هر شعبي ۾ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي زبان جي فروغ واري اداري پاران ڏنل بريفنگ دوران ڪيو.