اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فاٽا جي انضمام کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو، اڳوڻي حڪومت ۾ جهلم، لوڌران، راجن پور، چڪوال ۽ ٻين ضلعن ۾ مخصوص طريقي سان پئسا خرچ ڪيا ويا جنهن جي ڪري اهي علائقا ان رفتار سان ترقي نه ڪري سگهيا جنهن رفتار سان لاهور ۽ ٻين ضلعن ترقي ڪئي آهي، ايوان ۾ تقريرون ڪرڻ ته آسان آهي پر عملي ڪم ۾ ساٿ نه ٿو ڏنو وڃي، قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ٺاهڻ جي لاءِ اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجو نمائندو نامزد ناهي ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن فاٽا جو انضمام ٿي رهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته اين ايف سي جي شيئرز ۾ فاٽا جو حصو رکيو ويندو، جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جوڙڻ جو مرحلو آيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو نمائندو ئي نامزد ناهي ڪيو.