اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ريفرينڊم جي جائز حق لاءِ ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو ڇنڇر ڏينهن ملهايو پيو وڃي.