APP65-10 ISLAMABAD: October 10 - Prime Minister Imran Khan addressing at the launching ceremony of "Naya Pakistan Housing Program" at PM Office. APP

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ آمدني واري طبقي ۽ غريب عوام کي 50 لک گهر ڏيڻ جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته انهن قدمن سان غريبن کي ڇت ميسر اچڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ اقتصادي سرگرمي سان واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. هو وزيراعظم آفيس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.