APP62-04 ISLAMABAD: October 04 - President Dr. Arif Alvi chairs a briefing at the Wafaqi Mohtasib Secretariat. APP

اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي محتسب جو عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، عوام تائين اداري جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي چئي. صدر کي اداري جي ڪارڪردگي تي بريفنگ به ڏني وئي.