APP53-27 ISLAMABAD: September 27 – Minister for Commerce and Industry of Kuwait Khaled Nasser Abdullah Al-Rundain calls on President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاسن جي نتيجي ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هو ڪويت جي واپار ۽ صنعت واري وزير خالد نصر عبدالله سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب ڪويت جي واپار واري وزير صدر کي امير ڪويت شيخ صباح الاحمد الجابر طرفان مبارڪباد جو پيغام پهچايو.