APP02-24 ISLAMABAD: September 24 – Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain is being briefed by Managing Director APP, Masood Malik during his visit to APP Headquarters. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) کي مالياتي لحاظ کان مضبوط ۽ مستحڪم ادارو بڻائڻ لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ اداري جي آمدني ۽ خرچن ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ جي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. هو پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ اي پي پي هيڊڪوارٽر جي پنهنجي پهرئين دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو.