APP39-18 ISLAMABAD: September 18 - Federal Minister for Finance, Revenue and Economic Affairs Asad Umar presenting the Finance Supplementary (Amendment) Bill 2018 in National Assembly. APP

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ضمني مالياتي (ترميمي) بل 2018ع پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت وزيراعظم، چئني گورنرن، وڏن وزيرن ۽ وفاقي وزيرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ حاصل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، مالي بل 2018ع ۾ انڪم ٽيڪس ۾ ڏنل ڇوٽ ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر فنانس بل 19 -2018ع ۾ ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي شرح ۾ ڦيرڦار جي لاءِ ضمني مالياتي (ترميمي) بل 2018ع پيش ڪيو.