APP24-01 LAHORE: September 01 - Prime Minister Imran Khan chairing the first Punjab Cabinet meeting. APP photo by Chaudhry Ansar

لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي لاءِ مثالي هجڻ گهرجي، پنجاب ۾ ڪرپشن جو خاتمو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ لاهور ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پنجاب جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي پنهنجا قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته آبادي جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو هجڻ جي ناتي ان جي ڪلهن تي وڏيون ذميواريون آهن.