APP49-30 RAWALPINDI: August 30 - Prime Minister Imran Khan along with Federal Ministers of Defence, Foreign Affairs, Finance, Information, State Minister of Interior and Secretary Defence in a group photograph with Chief of Army Staff General Qamar Javed Bajwa at General Headquarters. APP

راولپنڊي – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، آپريشنل تيارين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته قوم جي حمايت ۽ هڪ جهڙي قوم سوچ ذريعي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺنداسين، حڪومت پاڪ فوج جي صلاحيت ۽ سگهه کي برقرار رکڻ جي لاءِ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه دفاع، پرڏيهي معاملن، ناڻي، اطلاعات وارن وفاقي وزيرن، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دوري جي موقعي تي چئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جي ايڇ ڪيو اچڻ تي وزيراعظم کي فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.