APP30-31 ISLAMABAD: July 31 - Chief of the Staff of Brazilian Armed Forces Admiral Ademir Sobrinho called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپا خوش آئنده آهن، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن اها ڳالهه برازيل جي فوج جي سربراهه ايڊمرل ايڊي مير سوبرينو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ برازيل جي سفير ڪلاڊيو راجا گابا گلا لينا کانسواءِ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار به موجود هئا.