APP19-25 LAHORE: July 25 - Federal Minister for IBNH&LH Barrister Syed Ali Zafar casting his ballot for NA-135 and PP-161 constituencies at City School Johar Town. APP photo by Chaudhry Ansar

اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر صوبائي گادي واري شهر لاهور جي تڪ اين اي 135 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، هن سٽي اسڪول راوي ڪيمپس جوهر ٽائون ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد علي ظفر چيو ته عام چونڊون 2018ع تاريخ جون اهم ترين چونڊون آهن جنهن کي نگران حڪومت شفاف بڻائڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو جنهن جو ثبوت هي آهي ته سڄي ملڪ ۾ آزاداڻي ماحول ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن.