APP20-10 ISLAMABAD: July 10 - Dr. Hazrat Omer Zakhilwal, Ambassador of Afghanistan to Pakistan pays a courtesy call on the Prime Minister Justice (Retd) Nasir-ul-Mulk at PM Office. APP

اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ سان پاڪستان ۾ افغانستان جي سفير ڊاڪٽر حضرت عمر زخيلوال ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي خاص طور تي افغانستان ايڪشن پلان فار پيس اينڊ سوليڊيرٽي جي ڏس ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي جاري رکڻ تي زور ڏنو.