
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي ترقي جو بنياد مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تربيت يافته افرادي قوت لازمي آهي، انساني ترقي بابت قومي ڪميشن ان ڏس ۾ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ان جي لاءِ ضروري آهي ته مستقبل ۾ انهن تي ائين ئي ڪم جاري رکيو وڃي. هن اها ڳالهه نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي.