
اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ بنياد آهي ۽ ججن کي انهن عدالتن ۾ عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. هن اها ڳالهه خيبرپختونخواهه جوڊيشل اڪيڊمي جي 41 تربيت ماڻيندڙ (پري سروس) سول ججز/ جوڊيشل مئجسٽريٽس جي گروپ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.