
اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان سمورن علائقائي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي. هن اها ڳالهه نيپالي فوج جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل رجيندرا ڇيتري سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.