APP72-03 ISLAMABAD: May 03 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing at "Emerging Pakistan: Celebrating Excellence in Sports Goods" event held in PM Office. APP

اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان هاڻي چئلينجن مان نڪري آيو آهي ۽ ”ايمرجنگ پاڪستان“ ملڪ جي مثبت ساک بڻائڻ ۽ ترقي جو هڪ تصور هو، بدقسمتي سان گذريل 15 سالن کان اسان کي دهشتگردي، اقتصادي چئلينجن ۽ علائقائي مسئلا درپيش هئا پر الله جي فضل سان هاڻي اسان انهن چئلينجن مان نڪري آيا آهيون ۽ ايمرجنگ پاڪستان اسان جي برآمدات جي ترقي لاءِ اسان جو ويزن آهي، هو واپار واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ايمرجنگ پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.