APP71-03 ISLAMABAD: May 03 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi meeting with Chief of the General Staff of the Republic of Turkey General Hulusi Akar at the PM Office. APP

اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان جمهوريه ترڪي جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل هولو سي اڪار وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي دفاع واري وزير انجنيئر خرم دستگير خان به موجود هو، جنرل اڪار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.