APP73-26 ISLAMABAD: April 26 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairs meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet at PM Office. APP

اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پاران فراهم ڪيل 19 ضرورتن جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج 2018ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ اي سي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس رمضان رليف پئڪيج تحت جن ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏني ويندي انهن ۾ اٽو، کنڊ، کاڄرو تيل ۽ گيهه، داليون، بيسڻ، کجورن، چانور، مشروبات، کير ۽ چانهه جي پتي شامل آهي. حڪومت ان پئڪيج تحت هڪ ارب 73 ڪروڙ 30 لک رپين جي سبسڊي ڏيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان پئڪيج تحت روزاني استعمال جون شيون مارڪيٽ کان گهٽ قيمتن تي فراهم ڪرڻ گهرجن.