ڊيووس – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان 20 ڪروڙ ماڻهن جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي جيڪا ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ اوپن آهي، اسان جي سالياني اقتصادي واڌ جي شرح تقريبن 6 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، اسان سي پيڪ جي ذريعي خطي جي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏئي رهيا آهيون ۽ اوڀر ۽ اولهه سميت دنيا جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، صحت واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ۽ وزيراعظم جو خصوصي مددگار علي جهانگير صديقي به ان موقعي تي موجود هو.