اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي خواهش هئي ته چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جڏهن واپس وطن اچي ته ان جو شاندار طريقي سان استقبال ڪيو وڃي. هي تقريب ان سلسلي ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏوگڏ پراڻي رانديگرن کي پڻ گهرايو ويو. ان موقعي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي پوري مئنيجمينٽ سان گڏوگڏ رانديگرن جي گهر جا ڀاتي پڻ موجود هئا، هي والدين جي لاءِ وڏي فخر جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته والدين سڄي زندگي محنت ڪري ۽ قربانيون ڏئي پنهنجي ٻارن کي ڪنهن مقام تي ڏسڻ جا خواهشمند هوندا آهن. هن تقريب ۾ رانديگرن جي والدين ۽ پوري ڪرڪيٽ ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي اها خواهش به هئي ته هي ان جو پنهنجو فنڪشن هجي ۽ مون پاڻ به اهو ئي چاهيو پئي.