APP01-13 ISLAMABAD: February 13 - Federal Insurance Ombudsman, Muhammad Raeesuddin Paracha called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوامي شڪايتن جي فوري حل سان نه رڳو ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا پر حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد به پيدا ٿيندو جيڪو رياست جي استحڪام لاءِ فائديمند آهي، عوامي مسئلن جو فوري حل سٺي نظم ۽ ضبط جي ضمانت آهي، صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) محمد رئيس الدين پراچا سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب صدر ممنون حسين کي پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 16 -2015ع به پيش ڪئي، صدر چيو ته وفاقي انشورنس محتسب جو بنيادي ڪردار مروجه ضابطن موجب انشورنس ڪمپنين ۽ ان جي پاليسي هولڊرن جي وچ ۾ تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي