APP31-13 ISLAMABAD: January 13 - President Mamnoon Hussain addressing the Graduation Ceremony of Civilian Participants of National Security & War Course at National Defence University. APP

اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ان جي فڪري شڪست ضروري آهي، جنهن جي لاءِ خصوصي قدم اڻٽر آهن، ان سلسلي ۾ رياست جا مختلف ادارا، سرڪاري ذميدار، ميڊيا ۽ تعليم جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، تعليم کي فروغ ڏئي دهشتگردي جي لاءِ مذهب جي استعمال جو رستو روڪي سگهجي ٿو. صدر اها ڳالهه نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ جمعي ڏينهن نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي سلامتي کي درپيش خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم تجويزن تي مشتمل بريفنگ ڏني وئي، گريجوئيشن تقريب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سينيٽر مشاهد حسين سيد، پارليامينٽ جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.