اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) ترڪي جي خاتون اول محترمه امينه طيب رجب اردوان پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻئي ڀائر ملڪ ڀائيچاري جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي انتهائي گهري ۽ مضبوط آهي، گڏيل حصيداري پوري دنيا لاءِ هڪ مثال آهي، ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت، قدرتي آفتن ۽ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ هڪٻئي جي مدد ۽ تعاون ڪيو آهي