اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي خطاب کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ترڪي جي سان اسان جا تمام گهڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هڪٻئي سان مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺا آهيون، قوم اطمينان رکي، پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ مان ڊپٽي اسپيڪر جي چيمبر طرف ويندي هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ ڪيو، آرمي چيف چيو ته ترڪ صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب دل جي گهرائي سان ڪيو ۽ هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو.