اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف پاناما پيپرز جي معاملي تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو پر هاڻي هو سپريم ڪورٽ آڏو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس ٻارن سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا جواب داخل ڪرائي ڇڏيا آهن. شريف خاندان جي بيانن ۾ ڪو ٽڪراءُ نه آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف تجويز ڏني هئي ته پاناما پيپرز جي معاملي تي هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا دستاويزن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ معاملي جي جاچ ڪري پر پي ٽي آءِ ان کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ڇو ته کيس خبر هئي ته ڪيس ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ هو سياست ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيندي.