اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سرڪاري آفيسرن جي تربيت ۽ نجي شعبي ۾ ميڊيا مئنجمينٽ جي اسڪلز ۾ اضافو جديد، عالمي رجحانن ۽ تشهير جي جديد فني مهارتن سميت سوشل ميڊيا جي موثر استعمال سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي، انفارميشن سروس اڪيڊمي کي ڪميونيڪشن ۽ ميڊيا ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي اعليٰ منظم اداري جي فعال طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي مملڪتي وزير چيو ته مستقبل جا تربيتي ڪورسز بهتر طور تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان هم آهنگ هجن.