APP03-18 ISLAMABAD: October 18 - President Mamnoon Hussain talking to a delegation of Pakistan Business Council, Dubai headed by its President Muhammad Ahmed Shaikhani called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بين الاقوامي سيڙپڪارن کي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه پاڪستان بزنس ڪائونسل دبئي جي صدر محمد احمد شيخاڻي جي سربراهي ۾ ايوان صدر ۾ وفد سان ڳالهائيندي چئي، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت پاڪستان سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي.