APP18-15 BEIJING: September 15 - Chairman of the Standing Committee of the National People's Congress NPC Zhang Dejiang shaking hand with Speaker National Assembly Sardar Ayaz Sadiq. APP

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي چيني هم منصب زانگ ڊي زيانگ سان بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو جي تحت سمورن پروجيڪٽن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هنن ان منصوبي کي ٻنهي ملڪن کانسواءِ خطي جي باقي علائقن جي لاءِ به فائديمند منصوبو قرار ڏنو.