تيانجن-01 سيپٽمبر (اي پي پي)روس چيو آهي ته يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي اولهه واري ڪوشش تڪرار جو وڏو سبب آهي. ميڊيا رپورٽن موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه پاران يوڪرين ۾ نيٽو کي شامل ڪرڻ واريون ڪوششون يوڪريني تڪرار جي اهم سببن مان هڪ آهن، جيڪي روسي جي سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو بڻجن ٿيون. صدر پيوٽن دعوي ٰ ڪئي ته موجوده بحران جو بنياد 2014 ۾ يوڪرين ۾ ٿيل بغاوت آهي. هن چيو ته بغاوت کان پوءِ ان سياسي قيادت کي هٽايو ويو جيڪا يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جي مخالف هئي. روسي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف ورجايو ته يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ روس جي قومي سلامتي لاءِ قبولڻ جوڳو نه آهي ۽ اهو قدم اوڀر يورپ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائي رهيو آهي. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن روس ۽ اولهه وارن ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ يوڪرين جنگ عالمي منظر نامي تي اهم سياسي ۽ عسڪري چئلينج بڻيل آهي.