اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن، پاڪستان کي آمريڪا ۾ گهربل پاڪستانين سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بارڊر سيڪيورٽي، منشيات جي خاتمي، ڪوسٽ گارڊز ۽ فرانزڪ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وقتي سفير ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزير، صدر ٽرمپ طرفان پاڪستان ۾ تيل جي ذخيرن کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي بيان کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن چيو ته آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ تيل سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان سان ناتن کي خاص اهميت ڏيون ٿا.