اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي خان يونس ۾ نصر اسپتال تي اسرائيلي هوائي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري کي اسرائيل کي ان جي وحشي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي بي لغام جارحيت کي روڪڻ لاءِ اثرائتي قدم کڻڻ گهرجن. اربع تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان غزه جي خان يونس ۾ نصر اسپتال تي اسرائيلي هوائي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ چئن صحافين ۽ هڪ امدادي ڪارڪن سميت گهٽ ۾ گهٽ 21 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هڪ طبي مرڪز تي وحشياڻو حملو ۽ عام ماڻهن ۽ صحافين کي مسلسل نشانو بڻائڻ عالمي انساني ۽ انساني حقن جي قانونن ۽ آزاد صحافت جي واضح خلاف ورزي آهي. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙن وحشي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي بي لغام جارحيت کي روڪڻ لاءِ اثرائتي قدم کڻڻ گهرجن. ترجمان اسرائيلي فوج پاران شام جي سرزمين تي ٿيندڙ جارحيت کي به عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان شام جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل کي پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ کان روڪيو وڃي.