اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبن جي تعاون سان موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان قومي سطح جي پاليسي وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آبادي جي وڌڻ جي سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ترقي ۽ ان کي معيشت جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جي ملڪ جو انتهائي اهم ۽ قيمتي اثاثو آهن، حڪومت نوجوانن کي ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون اسان جي افرادي قوت جو تمام وڏو حصو آهن. هن هدايت ڪئي ته عورتن کي نوڪرين جا وڌ کان وڌڪ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبن جي تعاون سان موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان قومي سطح جي پاليسي وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم موثر پاليسي ۽ حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن جي تعاون سان وڌندڙ آبادي ۽ ان جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ قومي سطح جي پاليسي جي ضرورت آهي ۽ معاشي ترقي جي ڏس ۾ وڌندڙ آبادي جي لاءِ عوام ۾ قومي سطح تي آگاهي مهم هلائڻ لازمي آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ هئا.