اسلام آباد- 6 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سرڪاري عملدار جي ايم سڪندر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان موجب وزيراعظم جي ايم سڪندر جي پاڪستان حڪومت لاءِ 39 سالن جي قيمتي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته تعليمي ۽ انتظامي، خاص طور تي سماجي شعبن ۾ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.