اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان پنهنجي انهن بهادر پوليس آفيسرن ۽ سپاهين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، حڪومت شهيدن جي وارثن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر ڏينهن پوليس شهيدن جي ڏينهن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پوليس دهشتگردي، ڏوهن ۽ بدامني خلاف ڀرپُور جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته اڄ اسان پنهنجي انهن بهادر پوليس آفيسرن ۽ سپاهين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هزارين بهادر پوليس سپاهين ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. آصف علي زرداري چيو ته شهيدن جون قربانيون عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ انهن جي اڻ ٿڪ عزم جي علامت آهن، قوم پوليس شهيدن جي جرئت، وفاداري ۽ عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته حڪومت شهيدن جي وارثن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. آصف علي زرداري چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن کي جديد تربيت ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پيشيور ۽ جديد سامان سان ليس پوليس ئي رياست جي دشمنن جو مؤثر طريقي سان مقابلو ڪري سگهي ٿي. اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندن خاندانن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪري.