بلغراد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ چيو آھي ته ھو سيپٽمبر جي شروع ۾ چين جي سرڪاري دوري دوران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪري سگھي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اليگزينڊر ووچچ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھو پھرين کان 6 سيپٽمبر تائين چين جو دورو ڪندو جتي کيس صدر شي جن پنگ ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان خلاف چين جي عوام جي فتح جي 80 ھين سالگرھه جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آھي. ھن چيو ته روس جو صدر ولاديمير پيوٽن به ان موقعي تي چين ۾ موجود ھوندو، انڪري ھن سان ملاقات جو امڪان آھي. چيني جي صدر شي جن پنگ 3 سيپٽمبر تي عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ دعوت ڏيندو، جڏھن ته 5 سيپٽمبر تي ھڪ اھم عالمي اڳواڻ کي دعوت ڏيندو جنھن جا تفصيل سيڪيورٽي سببن جي ڪري ظاھر ناهن ڪيا ويا. چين جي صدر تازي بيان ۾ چيو ته چين. سربيا سان گڏجي اسٽريٽيجڪ سھڪار کي وڌيڪ، وڌائڻ چاھي ٿو، جڏھن ته صدر ووچچ چين کي ”سربيا جو ويجھو دوست“ قرار ڏيندي ون چائينا پاليسي جي حمايت جو ورجاءَ ڪيو. واضح رھي ته چين ۽ سربيا وچ ۾ هاڻوڪن سالن ۾ سھڪار ۾ تيزي آئي آھي ۽ ھيستائين 30 کان وڌيڪ گڏيل منصوبا شروع ڪري چڪا آھن. 2024ع ۾ ٻنھي ملڪن وچ جو واپاري ڳاڻيٽو 8.3 ارب يورو جي بلند ترين سطح تائين پھچي ويو آھي.