بيجنگ – 04 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا چين کي چيو آھي ته ھو روس ۽ ايران مان تيل جي خريداري بند ڪري ڇڏي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزارت آمريڪا جي نئين مطالبي تي ردعمل ڏيندي ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته چين توانائي جي فراهمي کي انھن ذريعن کي يقيني بڻائيندو جيڪو قومي مفاد مطابق ھجي. چين جي پرڏيھي وزارت جو چوڻ آھي ته دٻاءَ ۽ زبردستي مان ڪجھه حاصل نه ٿيندو. چين سموري طاقت سان پنھنجي خودمختياري، سلامتي ۽ مفادن جو دفاع ڪندو. اھو بيان اسٽاڪ ھوم ۾ ٻنھي ملڪن جي نمائندن وچ ۾ ڳالھين جي ٻن ڏينھن کانپوءِ آمريڪا طرفان 100 سيڪڙو ٽيرف جي ڌمڪي جي جواب ۾ سامھون آيو آھي. ٻئي پاسي آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسينٽ صحافين کي ٻڌايو ته جڏھن به روس جي تيل جي خريداري جي ڳالھه ٿئي ٿي ته چين پنھنجي خودمختياري کي سنجيدگي سان وٺي ٿو. سندس مطابق اسان ھن جي خودمختياري جي راھه ۾ رڪاوٽ نه ٿا وجھڻ چاھيون، انڪري ھو 100 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻ پسند ڪندا.