واشنگٽن-31 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سان واپاري معاهدي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ممڪن آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو به اچي جڏهن پاڪستان ڀارت کي تيل وِڪرو ڪندي نظر ايندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان سان واپاري معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ٻئي ملڪ توانائي جي شعبي خاص ڪري تيل جي ٺڪاڻن جي ترقيءَ لاءِ گڏيل سهڪار سان ڪم ڪندا. هن چيو ته اسان اڃا ڏکڻ ايشيائي ملڪ پاڪستان سان هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۽ آمريڪا پنهنجي تيل جي وڏن ذخيرن کي ترقي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. اسان آئل ڪمپني جي چونڊ ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهيون جيڪو هن پارٽنرشپ جي اڳواڻي ڪندو. صدر ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ”ڪير ڄاڻي ٿو ته شايد اهڙو ڏينهن به اچي جڏهن پاڪستان ڀارت کي تيل وِڪرو ڪري.“ صدر ٽرمپ جو پاڪستان سان ڊيل جو اهو اعلان ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف ۽ روسي فوجي ساز و سامان ۽ توانائيءَ جي خريداريءَ تي واڌو ڏنڊ جي اعلان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سامهون آيو آهي. ڀارت تي هي ٽيرف (اڄ) کان لاڳو آهي.