اسلام آباد – 30 – جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2026ع ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) پاليسي 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي مجموعي حج ڪوٽا 70 سيڪڙو حڪومتي ۽ 30 سيڪڙو نجي ڪوٽا جي تناسب سان ورهائي ويندي، نيشنل اي آءِ پاليسي پاڪستان ۾ پبلڪ سروس جي بهتري، پيداوار بشمول زرعي شعبي جي پيداوار، معاشي شموليت، هنر ۽ تربيت ۽ روزگار جي فراهمي ۾ ڀرپور معاونت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حاجي سڳورن کي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ايندڙ سال حج آپريشن جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن خوش آئنده آهي، حاجي سڳورن کي هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، مزهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي. اجلاس کي حج پاليسي 2026ع جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال پاڪستان جي مجموعي ملڪي حج ڪوٽا 70 سيڪڙو حڪومتي ۽ 30 سيڪڙو نجي ڪوٽا جي تناسب سان ورهائي ويندي. بريفنگ ۾ بڌايو ويو ته گذريل سال نجي شعبي جي ڪوتاهي جي ڪري حج کان محروم رهجي ويندڙ ماڻهن جو حج نجي ڪمپنيون 2026ع ۾ يقيني بڻائينديون، نئين پاليسي تحت سرڪاري اسڪيم ۽ نجي ڪمپنين تحت حج آپريشن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي ويندي، پاليسي ۾ حج دوران حاجي سڳورن جي سهولتن سان گڏوگڏ انهن کي انهن جي رقم جي برابر سروسز فراهم ڪرڻ شامل آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي ۾ ايندڙ سال هڪ هزار سيٽون هارڊ شپ ڪيسز تحت رکيو ويون آهن، پاليسي تحت ڪنهن به نجي ڪمپني جي لاءِ حاجي سڳورن جو گهٽ ۾ گهٽ انگ 2 هزار رکيو ويو آهي، نجي ڪمپنين جي حج آپريشن دوران سخت نگراني ڪئي ويندي، پاليسي جي لاڳو کانپوءِ نجي ڪمپنين تحت درخواست ڏيندڙن جي رقم ۽ پراسيس جي ريئل ٽائيم مانيٽرنگ يقيني بڻائي ويندي، حج 2026ع جي لاءِ گذريل سال وانگر مددگارن جي چونڊ شفاف انداز ۾ ٽيسٽ جي ذريعي ٿيندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حاجين جي لاءِ موبائيل سمز، ڊيجيٽل رسٽ بينڊز، بهترين رهائش ۽ طعام ۽ ڪنهن به هنگامي ۽ حادثاتي صورتحال جي نتيجي ۾ معاوضي کي يقيني بڻايو ويندو، ادائيگين، تربيت، شڪايتن ۽ ٻين سروسز جي لاءِ پاڪ حج موبئايل ايپلي ڪيشن کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻايو پيو وڃي. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2026ع جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ميمبرن سمورين لاڳاپيل وزارتن سميت پاليسي جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير کي مذهبي معاملن واري وزارت سان گڏجي حج آپريشن جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪومت جي پاڪستان کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، عام ماڻهو جي آرٽي فيشل انٽيلي جنس ٽيڪنالاجي تائين پهچ، ملڪ ۾ مڪمل اي آءِ ايڪو سسٽم قائم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، نوجوانن کي اي آءِ جي ميدان ۾ ضروري تعليم ۽ تربيت ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايف بي آر سڌارن ۾ اي آءِ جي ذريعي اڳ ۾ ئي ملڪي آمدني ۾ اضافي ۽ نظام جي بهتري تي ڪم ڪري رهي آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ اي آءِ مان فائدو کڻڻ جي حوالي سان وقت سر پاليسي سازي جي لاءِ آءِ ٽي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جا قدم ساراهه جوڳا آهن. وفاقي ڪابينا کي نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي 2030ع تائين سڄي دنيا ۾ اي آءِ جي ذريعي ايندڙ ممڪن انقلاب ۽ عالمي معيشت تي ان جي مالي اثرن جي ڪاٿي جي حوالي سان بريفنگ ۾ بڌايو ويو ته نيشنل اي آءِ پاليسي پاڪستان ۾ پبلڪ سروس جي بهتري، پيداوار بشمول زرعي شعبي جي پيداوار، معاشي شموليت، هنر ۽ تربيت ۽ روزگار جي فراهمي ۾ ڀرپور معاونت فراهم ڪندي، نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع جي جوڙجڪ ۾ سمورين ڌرين بشمول سرڪاري، صنعتي، تعليمي شعبن ۽ سول سوسائٽي سان مشاورت يقيني بڻائي وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع تحت ملڪ ۾ آرٽي فيشل انٽيلي جنس جو هڪ مڪمل ايڪو سسٽم جوڙيو پيو وڃي، اي آءِ انوويشن فنڊ، اي آءِ وينچر فنڊ جي ذريعي نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، ملڪ گير آگاهي سان گڏوگڏ اي آءِ ۾ تعليم ۽ تربيت، آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ۽ عورتن ۽ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ان ٽيڪنالاجي تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سائبر سيڪيورٽي، نيشنل ڊيٽا سيڪيورٽي سان گڏوگڏ پاليسي تحت سرڪاري شعبي ۾ اي آءِ جي استعمال ۾ اضافي ۽ ان جي ماحولياتي اثرن جي لاءِ قدم به پاليسي ۾ شامل آهن، عالمي حصيدارين، اي آءِ جي عالمي سطح تي لاڳو ضابطن کي پڻ پاليسي جي جوڙجڪ ۾ نظر ۾ رکيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2030ع تائين اي آءِ جي شعبي ۾ 10 لک تربيت يافته ماڻهن، 3 هزار ساليانو وظيفن، هڪ هزار مقامي اي آءِ مصنوعات، ايندڙ 5 سالن ۾ 50 هزار اي آءِ شهري منصوبن، هڪ هزار تحقيقي منصوبن جي لاءِ قدم پاليسي ۾ شامل آهن، پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ اي آءِ ڪائونسل ۽ ماسٽر پلان ۽ ايڪشن ميٽرڪس قائم ڪيا ويندا. وفاقي ڪابينا نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 8 جولاءِ 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 17 جولاءِ 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي. ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 25 جولاءِ 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.