اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جو نالو برطانيه جي ايئر سيفٽي فهرست مان نڪري وڃڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، 2020ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي هوابازي واري وزير جي غير ذميداراڻي بيان سبب پابندي لڳي، اهو فعل ملڪ خلاف هڪ ڏوهه هو جيڪو نه صرف غلام سرور خان کان ٿيو پر ان جي ذميداري ان وقت جي وزيراعظم تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي، جنهن سان گڏوگڏ اربين رپين جو نقصان ۽ قومي وقار به مجروح ٿيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قومي هوابازي جي شعبي اڄ هڪ اهم سنگل ميل پار ڪيو آهي ۽ برطانيه جي ايئر سيفٽي فهرست مان پاڪستان جو نالو نڪري ويو آهي. هن چيو ته اها پابندي پي ٽي آءِ جي دؤر جي هوابازي واري وزير غلام سرور خان جي هڪ غير ذميداراڻي بيان سبب لڳي، ان پويان سندس ڪهڙو مقصد هو، تحقيقي صحافت سان واڳيل صحافين کي پڻ گهرجي ته هو ان جي جاچ ڪن ته ان بيان سان قومي ايئر لائن کي ڪيترو نقصان ٿيو، پي آءِ اي جو وقار مجروح ٿيو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين يا سندن پونئيرن جون ميتون پاڪستان اچڻيون هيون جنهن تي کين ٻين ايئر لائنز ذريعي لکين ڊالر خرچ ڪرڻا پئجي وڃن ٿا ۽ هاڻي اتي پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجن عزيزن جي ميتن جي تدفين لاءِ بندوبست ته ڪري ڇڏيو آهي پر پي آءِ اي کي عمران خان ۽ غلام سرور خان گڏجي نقصان پهچايو، جنهن سان پي آءِ اي رد ٿيل قسم جي ايئر لائن بڻجي وئي هئي، اهي سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڪيئن ٿيو اهو پتو لڳائڻ اسان جي ذميداري آهي. هن چيو ته جڏهن هاڻ اهو سٺو قدم سامهون آيو آهي ۽ اوهان ايئر لائنز جي آپريٽرنگ لائسنس کي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهو ٿا. بچاءَ واري وزير چيو ته برطانيه ۽ يورپي يونين جو اسان جي ايئر لائنز ۽ سول ايوي ايشن تي اعتماد جو مظهر آهي ته اسان جو نالو ايئر سيفٽي جي پابندي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته انهن قدمن تي مان برطانيه ۽ يورپي يونين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، نادر ڊار اسان جي سول ايوي ايشن جو سربراهه آهي، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن ان مقصد لاءِ نيڪ نيتيءَ ۽ خلوص سان ڪم ڪندي رنڊڪن کي ختم ڪيو ۽ اهو سلسلو جاري رهيو ۽ اڄ اسان کي اها سٺي خبر ٻُڌڻ لاءِ ملي، اڳوڻن سيڪريٽرين به ايئر اسٽينڊرڊ سيفٽي جي معيارن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي ايئر لائن جي صنعت تي اعتماد بحال ٿيو آهي. بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته ان سان گڏوگڏ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته آمريڪا لاءِ اُڏامن جي اهليت کي پورو ڪندي ان ساک کي بحال ڪريون جنهن تي پابندي نه هئي، پر پي ٽي آءِ جي انهن قدمن سان اها ساک متاثر ٿي وئي هئي. بچاءَ واري وزير چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سمورا عالمي روٽس بحال ڪري جڏهن نجڪاري ٿيندي ته ان جي ويليو وڌندي ۽ حڪومت کي وڏو فائدو ٿيندو. هن چيو ته برطانيه ۽ يورپي ريگيوليٽريز جا پڻ ٿورائتا آهيون جن 3 سالن جي عرصي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي جنهن عيوض اسان سمورا اسٽينڊرز پورا ڪيا، پي ڊي ايم جي هڪ سال جي حڪومت ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي ان عرصي ۾ سول ايويشن جي وزارت کي ٻيهر بچاءَ واري وزارت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بچاءَ واري وزير جي حيثيت سان منهنجو به اهو ئي تجربو آهي ته جيڪو به ايئر لائن وٺندو ان کي ٺهيل عمارت ملندي. پي آءِ اي سان قومي جذباتن جو لڳاءُ آهي ۽ ان جو ڪِرايو به گهٽ آهي. بچاءَ واري وزير ملڪ، قوم ۽ پي آءِ اي کي مبارڪون ڏنيون ته جهڙيءَ طرح اها خوشي جي خبر ملي آهي، اهو اسان لاءِ هڪ يادگار ڏينهن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سڄي عرصي ۾ بحاليءَ لاءِ ايئر سيفٽي انسپيڪشن مڪمل ڪرايون ويون ۽ اهو عمل جاري هو، هاڻ جڏهن اسان کي ڪليئرنس ملي وئي آهي، هاڻ اسان وڌيڪ بهتر انداز ۾ جاچ ڪرائي سگهون ٿا، نوان جهاز ايندا ۽ پرائيويٽ سيڪٽر موجوده ٻيڙي کي اپ گريڊ ڪندو ته سندن ڪاروبار به وڌندو، ان لمحي تي اسان کي خوشي ملهائڻ گهرجي، حڪومت چاهيندي ته وقت اچڻ تي انڪوائري ڪرائيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ۽ ايئر بليو کان علاوه 4 گروپس به نجڪاري جي عمل لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو آهي.