تيانجن – 15 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اهو خطي ۾ استحڪام ۽ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي سياسي، سفارتي ۽ معاشي اهيمت رکندڙ هڪ اهم پليٽ فارم طور ڏسي ٿو. چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ان اهم اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ تي فخر آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ وچن جي تجديد ڪندي خطي جي گڏيل صلاحيتن کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ، علائقائي رابطن، گڏيل خوشحالي، پائيدار ترقي ۽ پائيدار امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدمن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن جي پاسداري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ڊگهي عرصي کان جاري تڪرارن کي حل ڪري سگهجي ۽ ٽڪراءُ جي سياست ۽ ٻٽي معيارن کان پاسو ڪري سگهجي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي سياسي، سفارتي ۽ معاشي اهميت رکندڙ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڏسي ٿو. هن چيو ته هو تيانجن جي خوبصورت شهر ۾ ڀرپور ميزباني ڪرڻ تي چين جي ڀائر عوام ۽ قيادت جا دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو، اسان چين جي گهري وابستگي ۽ هن سال شنگهائي تعاون تنظيم جي مضبوطي ۾ ان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسان بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ ان جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي چئلينجز جي هن دور ۾ شنگهائي تعاون تنظيم هڪ مستحڪم قوت جي طور تي اڀري آهي، جنهن جو جامع موقف ملڪن جي خودمختياري ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏي ٿو، اتفاق، ترقي ۽ گڏيل احترام جي لاءِ ايس سي او جو عزم هڪ بهتر ۽ برابر دنيا جي تعمير جي لاءِ هڪ اميد آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي اصولن تي قائم رهڻ جي عزم جي تجديد ڪري ٿو، اسان امن ۽ سلامتي جي لاءِ غيرجارحيت، داخلي معاملن ۾ عدم مداخلت ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي اصولن تي يقين رکون ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته اسان پراڻي حل طلب تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏيون ٿا، جن جو حل عالمي قانون، انصاف ۽ ديانتداري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي جارحيت کي پاليسي جي هڪ هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي رجحانن تي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان اسرائيل جي ايران جي خلاف بنا جواز جارحيت ۽ آمريڪا پاران ائٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي سختي سان مذمت ڪئي آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي خلاف اهڙا غيرقانوني قدم ناقابل قبول آهن. اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيلي ظلمن ۽ جاري انساني بحران کي فوري طور تي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته فلسطين جي تڪرار جو واحد حل ٻه رياستي فارمولو آهي، جنهن ۾ 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته تڪراري علائقن جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي تبديل ٿيل حيثيت جي مذمت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير نمائندن جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، جڏهن ته گذريل ٽن مهينن دوران ڏکڻ ايشيا ۾ انتهائي پريشان ڪندڙ واقعا ٿيا آهن، اسان مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي حل تي يقين رکون ٿا، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ جامع ڳالهه ٻولهه جي شروعات لازمي آهي. اسحاق ڊار چيو ته 22 اپريل 2025ع کانپوءِ جي واقعن ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ هڪ اهم حقيقت کي واضح ڪيو آهي ته پراڻي حل طلب تڪرارن جو پرامن حل خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسان تنظيم جي جديد گهرجن موجب سڌارن جي حمايت ڪريون ٿا، سلامتي جي شعبي ۾ چار نئين مرڪزن جو قيام تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن چيو ته اسان انگريزي کي تنظيم جي جي ٽئين سرڪاري زبان بڻائڻ جي تجويز جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جي گڏيل خواهش آهي، ان سلسلي ۾ ايس سي او افغانستان رابطا گروپ جي بحالي هڪ موثر پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي انسانيت جي لاءِ هڪ گڏيل خطرو آهي، اسان کي ان جي خلاف متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي سگهه ڏي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان کي قومي ڪرنسين جي استعمال ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي، پاڪستان غربت جي خاتمي جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي خصوصي روڪنگ گروپ جي مستقل صدارت تي فخر محسوس ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قوم کڻڻ گهرجن، آئون قومي ڪوآڙڊينيٽر ۽ ماهرن جي محنت ۽ لگن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ پاڪستان جي عزم جي تجديد ڪريان ٿو ته اسان ”شنگهائي اسپرٽ“ جي قدرن تحت امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اچو اسان تعاون ۽ گڏيل ترقي جي راهه تي گامزن ٿيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ان موقعي تي ٻين ايس سي او ميمبر ملڪن جيپرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ ايران جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه پڻ شامل هئي، جنهن ۾ هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايس سي او تحت ٿيندڙ گڏيل سرحدي خدمتن جي آپريشن ”ساليڊيريٽي 2025ع“ ۾ بيلاروس جي شرڪت جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جيڪا تنظيم سان ان جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائيندي، اهو قدم پاڪستان پاران ايس سي او سان تعاون ۽ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ کنيل قدمن جو عڪاس آهي.