يڪاترنبرگ، روس -08 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ساليانو عالمي صنعتي فورم انو پروم 2025ع ۾ شرڪت لاءِ روس جي شهر يڪاترنبرگ جي دوري تي آهي. فورم جي پهرين ڏينهن خاص مددگار مختلف صنعتي ۽ فني نمائشن جو دورو ڪيو ۽ روس جي جديد صنعتي ٽيڪنالاجي، مشنيري ۽ پيداواري صلاحيت جو ويجهي کان مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي هن پاڪستان ۽ روس وچ ۾ صنعتي شعبي ۾ سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ۽ مستقبل ۾ گڏيل منصوبن لاءِ رستا تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو. هارون اختر خان انهن روس جي ڪمپنين جي نمائندن سان به ملاقاتون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ معدني وسيلن جي ڳولها، پروسيسنگ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ صنعتي شعبي ۾ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستاني وفد جو اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جٽادار صنعتي ترقي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. جڏهن ته هارون اختر خان ان موقعي تي روسي فيڊريشن جي واپار ۽ صنعتن واري وزير انتون اليخانوف سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي فني رخن جو جائزو ورتو ته جيئن پاڪستان ۾ هڪ جديد ۽ عالمي معيار جي ڌات سازي سهولت قائم ڪري سگهجي. ان موقعي تي صنعتي تعاون ۾ اضافي ۽ ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستاني وفد روس جي ڌرين کي پاڪستان حڪومت جي نئين صنعتي پاليسي سميت مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو جيڪا سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪري ٿي. خاص مددگار روس جي ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن جي امڪانن جو جائزو وٺن، خاص ڪري ريل گاڏين جي انجڻين، اليڪٽرڪ بسن، ڀاڻ، دواسازي ۽ زرعي مشينري جي شعبن ۾ تعاون وڌائن. ملاقات پاڪستان ۽ روس جي صنعتي ۽ واپار تعاون کي هٿي وٺائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.