اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين مالي سال جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي پهريون ڀيرو هڪ لک 27 هزار جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نئون مالي سال هڪ سٺي خبر ۽ معاشي ميدان ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سان شروع ٿيو آهي، جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 100 انڊيڪس جو پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچڻ ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ملڪي معيشت ۽ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل مالي سال ۾ حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت ترتيبوار بهترين وصولي ڏيکاري. نئون مالي سال ملڪي معيشت جي بهتري طرف سفر ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري طبقي ۽ سيڙپڪارن جو ٿورائتو آهيان جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن. حڪومت ملڪ ۾ بهترين ڪاروباري ماحول جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم کي ان ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.