اسلام آباد -23 جون (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي سفير عليشير تختيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفن اقتصادي، واپاري ۽ صنعتي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ازبڪستان جي سفير پاڪستاني قيادت جي مسلسل حمايت جو ٿورو مڃيندي زراعت، فارماسيوٽيڪل، بجلي، خوراڪ ۽ اي ڪامرس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. هنن پاڪستاني ڊجيٽل ڪمپنين کي ازبڪستان جي مارڪيٽن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ اڏاوتي مواد ۽ فيرس ۽ نان فيرس ڌاتن جي گڏيل پيداوار ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هارون اختر خان وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستاني حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپار کي ٻه ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ملاقات دوران پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ حصيداري، خاص اقتصادي زونز ۾ گڏيل سيڙپڪاري ۽ ميڊ ان پاڪستان نمائش ازبڪستان ۾ منعقد ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين فوڊ ۽ زرعي شين جي واپار ۾ فائيٽو سينيٽري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. هارون اختر خان تاشقند ۽ اسلام آباد وچ ۾ 14 جون کان سڌي ريت اڏامن جي آجيان ڪئي ۽ پي آءِ اي ذريعي به سڌي ريت اڏامون شروع ڪرڻ جي تجويز تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري وچ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ (سڀاڻي) 25 جون تي ڪراچي ۾ ازبڪ پاڪستان بزنس فورم به منعقد ڪيو ويندو.