اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ادائيگين جي ڊيجيٽل نظام راست کي وفاق سميت سمورن صوبن ۾ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معيشت ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي جو نظام قائم ڪرڻ انتهائي اهم آهي، پوري دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن ۽ ڪامياب معيشتن ۾ ڪيش ليس نظام کي ترجيح ڏني پئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس اڪانومي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل پيمنٽس انوويشن اينڊ ايڊاپشن ڪميٽي، ڊيجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ڪميٽي ۽ گورنمينٽ پيمنٽس ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، اهي خصوصي ذيلي ڪميٽيون عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ ادائيگين جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ، ڊيجيٽل نظام بابت آگاهي، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي کي فعال ڪرڻ، قومي ڊيجيٽل ماسٽر پلان ٺاهڻ ۽ حڪومت ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڏيتي ليتي کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪنديون. وزيراعظم ڪيش ليس نظام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي کي عوام جي لاءِ ڪيش جي نسبت آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ادائيگين جي ڊيجيٽل نظام راست کي وفاق سميت سمورن صوبن ۾ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معيشت ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي جو نظام قائم ڪرڻ انتهائي اهم آهي، پوري دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن ۽ ڪامياب معيشت ۾ ڪيش ليس نظام کي ترجيح ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ڏيتي ليتي ۽ ادائيگين جي ڊيجيٽل نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال عمل ۾ آندو وڃي، بئنڪاري نظام تحت گردش ڪندڙ رقم کي حڪومتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ ڏيتي ليتي کي ڪيش ليس بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪيش ليس نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت راست سسٽم سان 4 ڪروڙ صارفين فائدو کڻي رهيا آهن جن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، وفاقي حڪومت جي سموري مالي ڏيتي ليتي راست سسٽم جي ذريعي ڪئي پئي وڃي ۽ اهو نظام صوبن ۾ پڻ لاڳو ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فنٽيڪ ان ايڪو سسٽم جي هڪ اهم ڪڙيءَ آهي، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي وئي اهي ۽ ان تحت ملڪي معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ تي ڪم جاري آهي، ڊيجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ڪميٽي وفاقي آءِ ٽي واري وزارت جي قيادت ۾ ڪم ڪندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيش ليس پاڪستان اسٽيئرنگ ڪميٽي آءِ ٽي واري وزارت سيڪريٽريٽ ۾ قائم آهي، سمارٽ اسلام آباد پائليٽ منصوبي تحت آءِ ٽي واري وزارت اسلام آباد کي پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس شهر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ماحولياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.